اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪندي ??هر?? وزارت اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي لاءِ سخت حفاظتي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کي سيڪيورٽي ٿريٽ جي اطلاع تي ??هر?? وزارت کي فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جي سخت هدايت جاري ڪندي ??هر?? وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي حڪمن تي ??هر?? وزارت فوري طور تي حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ چئني صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي هوم سيڪريٽرين کي هنگامي خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ عمران خان جي لاءِ سخت حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ??هر?? وزارت آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي هنگامي خط ۾ ??هر?? وزارت چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عمران خان جتي به وڃي ان جي سخت سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. ??هر?? وزارت عمران خان جي بني گ??لا رهائشگاهه تي بم ناڪاره بڻائڻ سميت ٻين ضروري سيڪيورٽي قدمن يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. ??هر?? وزارت هدايت ڪئي آهي ته عمران خان جي جلسن، جلوسن ۽ عوامي سرگرمين جي دوران سيڪيورٽي بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.