اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته گوجرانوالا ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلال تارڙ جي اوطاق تي پي ٽي آءِ پاران فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بلال تارڙ تي قاتلاڻو حملو عمران خان جي چوڻ تي ڪيو ويو، الله جو شڪر آهي ته بلال تارڙ جي جان محفوظ رهي، معيشت جي جان وٺندڙ هاڻي سياسي ??خالفن جي جان وٺڻ جي پو??ان آهن، پنهنجي لاءِ وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي خيرات گهرندڙ عمران نيازي ٻين جي زندگي وٺڻ جي پو??ان آهي. پنهنجي ب??ان ۾ هن چيو ته اسلام آباد کي باهه ??يندڙن جون دليون سياسي انتقام جي باهه ۾ سڙي رهيون آهن، گاريون ڏيندڙ هاڻي گوليون هلائڻ تي اچي ويا آهن. هن چيو ته عمران خان فسادي مارچ ۾ عبرتناڪ رسوائي کانپوءِ دهشتگردي جو رستو اختيار ڪري ورتو آهي، هن چيو ته معيشت ۽ عوام جي خلاف معاشي دهشتگردي ڪندڙن جي فسادي سياست عوام دفن ڪري ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب بلال تارڙ ۽ سندس گهروارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عمران خان سياسي ??خالفن جي زندگي وٺڻ جي منفي سوچ ڇڏي، ملڪ ۽ عوام جي خلاف پنهنجي ڏوهن تي الله تعاليٰ کان معافي گهري.