اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود موجوده حڪومت اهڙي بجيٽ ڏني آه?? جيڪا ملڪ ۾ اهڙي طرح جو استحڪام آڻيندي جهڙي طرح 2018ع ۾ پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم هو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي جي لاءِ تاري??ي اعلان ڪيا ويا آه??، ان کي زيرو ٽيڪس انڊسٽري قرار ڏنو ويو آه??. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ مراعتن سان نه رڳو زرعي شعبي کي سگهه ملندي پر زرعي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿيندو. زرعي اوزارن تي زيرو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس هوندو، پاڪستان جي تاريخ ۾ زرعي شعبي کي اهڙي طرح جي ٽيڪس ڇوٽ اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏني وئي. هن چيو ته اسان جي سوچ آه?? ته معاشي استحڪام رڳو زراعت جي ذريعي اچي سگهي ٿو. هن چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ ڏني ويندڙ مراعتن سان آءِ ٽي ايڪسپورٽس کي فروغ ملندو. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ به تاري??ي اعلان ڪيا ويا آه??، بجيٽ ۾ نوجوانن جي لاءِ خصوصي قدم تجويز ڪيا ويا آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود انڪم ٽيڪس جي حد 6 لک رپين مان وڌائي 12 لک رپيا ڪئي وئي آه??، 12 لک رپين تائين آمدني وارن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ پڻ تاري??ي اعلان ڪيا ويا آه??، ملڪ جا نوجوان وڌ کان وڌ فلم پروڊڪشن جي اندر پنهنجي ثقافت ۽ ڪلچر کي پروموٽ ڪري سگهندا، ان قدم سان نه رڳو پاڪستان جي ڪلچر ۽ سياحت کي فروغ ملندو پر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص پڻ بحال ٿيندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو فلم انڊسٽري کي مڪمل طور تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آه??، آرٽسٽن جي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيڪل انشورنس متعارف ڪرائي وئي جڏهن ته فلم پروڊيوسرز جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آه??. هن چيو ته گذريل 35 سالن کان سئنيما گهر بلڪل بند ٿي ويا هئا، ڪيترن ئي مشهور سئنيما گهرن جي جڳهه شادي هال ۽ پيٽرول پمپ ٺهي ويا، ملڪي ثقافت ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جا ذريعا تقريبن ختم ٿي ويا هئا. هن چيو ته هڪ نااهل اچي وڏي دعويٰ ڪري رهيو آه?? ته اسان واڌويجه?? جي شرح 5 سيڪڙو تي کڻي آياسين. هن چيو ته اسان اهڙي بجيٽ ڏني آه?? جيڪا ملڪ جي اندر معاشي بدحالي کي ختم ڪري معاشي استحڪام آنيندي. اطلاعات واري وفاقي وزي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ايندي ئي پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو هو ۽ ان جي اندر وڌيڪ 5 سيڪڙو جو اضافو ڪيو ويو آه??.