اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوان پاڪستاني جبل چاڙهوئن جي ڪاميابين کي ميڊيا جي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جو مثبت تاثر قدم ڪرڻ لاءِ نوجوانن پاڪستاني جبل چاڙهو جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، نوجوان جبل چاڙهو پنهنجو اميج بهتر بڻائڻ ۽ مشهور ڪمپنين جي اسپانسرشپ متوجهه ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪ??، ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني جبل چاڙهو شهروزڪ??شف?? سرباز خان ۽ عبدالجوشي جي ملا??ات دوران ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملا??ات ڪئي، ملا??ات ۾ بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري، ??ائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽ?? بورڊ، الپائن ڪلب آف پاڪستان (اي سي پي) جي صدر ۽ سيڪريٽري اي سي پي شرڪت ڪئي. صدر پاڪستان جي جبل چاڙهوئن جي جبل چاڙهي جي انتهائي چئلينجنگ ۽ مهم جوئي جي راند ۾ شاندار ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي ڪردار کي ساراهيو، هن بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪستان اسپورٽ?? بورڊ کي چيو ته هو نوجوانن جبل چاڙهوئن لاءِ هڪ ماهر، تجربه ڪار برانڊ مينيجر مقرر ڪيو وڃي، جبل چاڙهوئن کي قومي ۽ عالمي ڪمپنين جي اسپانسرشپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي ضرورت آهي، ??اڪٽر عارف علوي چيو ته نوجوانن ڪوه پئما پرائم منسٽر جي ڊجيٽل اسڪل پروگرام مان فائدو کڻن، بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪستان اسپورٽ?? بورڊ نوجوان جبل چاڙهوئن کي ضروري مدد فراهم ڪن.