اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس 13 -17 جون تائين برلن ۾ ٿيندڙ پنهنجي اجلاسن ۾ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز تي پاڪستان جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي ٻن??ي ايڪشن پلانز (2018ع ۽ 2021ع) جي تڪميل کي تسليم ڪيو آهي ۽ هڪ آن سائٽ دوري جي جازت ڏني آهي، ايف اي ٽي ايف جي ميمبرن پاڪستان جي اڳڀرائي تي بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستان جي 34 آئٽمز تي مشتمل ٻئي ايڪشن پلان مڪمل ڪرڻ ۽ خاص طور تي رڪارڊ مدي ۾ 2021ع جي ايڪشن پلان جي جلد تڪميل تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ڪووڊ 19 جي وبا سميت ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ان ايڪشن پلانز جي ??امياب تڪميل لاءِ پنهنجُون اڻٿڪ ڪوششون جاري رکيُون. بيان م??جب پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز جي لاڳو دوران سي ايف ٽي/اي ايم ايل ڊومين ۾ تمام گهڻو معاملن جو احاطو ڪيو آهي، ايف اي ٽي ايف سان رابطا پاڪستان ۾ هڪ مضبوط سي ايف ٽي/ اي ايم ايل فريم ورڪ جي ترقي جو باعث بڻيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ مستقبل جي ??ئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي نظام ۾ بهتري آئي آهي، پاڪستاني وفد برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي مڪمل اجلاسن ۾ شرڪت ڪئ??، وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير/ايف اي ٽي ايف بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ??يئرپرسن حنا رباني کر ڪئ??.