اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) ملڪ ۾ 30 جون کان سانوڻي جي برساتن جي سلسلي جو امڪان ??هي جنهن جي ڪري نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي لاڳاپيل (اين ڊي ا??م اي) ادارن کي الرٽ ??هڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي جي تازه ترين پڌرائي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خميس 30 جون کان اڱاري 5 جول??ءِ دوران طوفان، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب برساتن جي ان تيز سلسلي جي ڪري 2 کان 4 جول??ءِ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ 3 کان 5 جول??ءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان ??هي جڏهن ته ڪشمير، گليات، مري لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. اين ڊي ا??م اي ان صورتحال جي ڏس ۾ سمورين وفاقي، صوبائي وزارتن، انهن جي ماتحت لاڳاپيل ادارن بشمول صوبائي، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ا??م اي ۽ ڊي ڊي ا??م اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي کي تيار رکڻ سان گڏ هيٺين علائقن جي ل??ءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ??هي ته جئين موسم جي ڪري ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ قدم کڻي سگهجن، لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف ويندڙ عوام کي غير ضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي ل??ءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيو اهو ته هيٺين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهن ۽ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال بابت ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي آگاهه ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪاني برساتن ۽ رستن جي تازه ترين صورتحال کان باخبر رکن.