ڪراچي – 10 – آگسٽ (اي پي پي) انٽرنيشنل لائرز فورم (آءِ ايل ايف) ۽ سوامي نارائڻ ٽيمپل اسٽيٽ ٽرسٽ گڏيل طور تي پاڪستا?? جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي کي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ ?? قومي اقليتي ڏينه?? جي حوالي سان خميس 11 آگسٽ 2022ع تي هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو آهي. آءِ ايل ايف جي ڪوآرڊينيٽر جمشيد علي خواجه موجب تقريب جو انعقاد سوامي نارائڻ ٽرسٽ هال ۾ ٻنپهرن جو هڪ لڳي 30 منٽن تي ڪيو ويندو. تقريب ۾ پوليس بينڊ قومي گيتن جون ڌُنون پيش ڪندو.