اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي، ??ن صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي، ??الم?? برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي، ??ڄ هي صورتحال پاڪستان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هو پاڪستان جي عوام جي لاءِ اجنبي نه آهي، پاڪستان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، هي منهنجي دل جي ويجهو آهي، ??ڄ کان 17 سال اڳ جڏهن هو گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جو سربراهه هو ته هن افغان پناهگيرن جي لاءِ هتي ڪم شروع ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گهٽ وسيلن جي باوجود 60 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. هن چيو ته 2005ع جي زل??لي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو، دهشتگردي جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام مشڪلاتون برداشت ڪيون ??هن?? ان دوران به هو پاڪستان آيو جڏهن سوات مان لکين ماڻهو دهشتگردي جي ڪري بي گهر ٿيا، تڏهن آئون هتي هئس. هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت تمام وڏو قدرتي سانحو درپيش آهي، ??يتري قدر وڏي ڪاٿي جي قدرتي آفت ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلين جي اثرن سان لکين پاڪستاني متاثر ٿيا ??هن?? ماڻهو بري حالت ۾ رهي رهيا ??هن?? انهن جا گهر، روزگار، فصلون تباهه ٿي ويون ??هن?? انهن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان کي ان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڏا وسيلا گهربل هوندا، 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، هي يڪجهتي جو معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديليون درپيش ??هن?? تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، ??ڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ ڪو ح??و نه آهي پر هو ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو ح??و هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلين کي روڪڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلين سان جيتري قدر پاڪستان متاثر ٿيو آهي، ??نيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن عالم?? برادري ان جي معترف آهي، پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالم?? برادري ڀرپور تعاون ڪري. هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي ڪري قدرتتي آفتن جي دور ۾ رهي رهيا آهيون، اڄ اها صورتحال پاڪستان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته عالم?? برادري کي پاڪستان سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو عالم?? برادري کي هن مشڪل صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري تي ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان پاران اهڙي وقت جڏهن پاڪستان تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت جو شڪار آهي، ??ن موقعي تي پاڪستان جو ان پاران پاڪستان جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جو پيغام آهي، هو اهل پاڪستان کي اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته هو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ??ن جي دائره ڪار ۾ دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين ڪنداسين، بطور سيڪريٽري جنرل وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ۽ هاڻي اين ايف آر سي سي ۾ سندس ڳالهه ٻولهه مان لڳي ٿو ته هن پنهنجي سچي دل سان ڳالهه ڪئي آهي، ??ن جي ڳالهين مان لڳو ته هو هڪ درد دل رکندڙ پاڪستاني وانگر ڳالهائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل قومن، عالم?? برادري ۽ ملڪي سطح تي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائي جي شفافيت سان استعمال جي خاطري ڪرائي ٿو.