اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ست??ن ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ وسيع تر عوامي اداراجاتي رابطن جي فروغ تمام اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه مصر جي سفير طارق محمد دهروج سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پا??ست??ن مصر لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضب??ط بڻائڻ ۽ مصر ۾ ايندڙ مهيني ڪوپ – 27 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مصر جي صدر ??بدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پا??ست??ن ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي مصر جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪانفرنس جي ميزباني تي مصر جي حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو ماحولياتي تبديلي ۽ ڪمزور طبقن ب??بت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت سميت فعال شرڪت جو منتظر آهي. پا??ست??ن ڪوپ – 27 ڪانفرنس ۾ گروپ 77 ۽ چين جي نمائندگي به ڪندو. وزيراعظم پا??ست??ن ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي قيادت، عوام سان عوام ۽ اداراجاتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پا??ست??ن ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ نقطه نظر تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون ڪن ٿا.