شرم الشيخ-11 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته موسميات?? تبديليءَ جي ماهرن کي پاڻي ذخيرن کي ڪٽا جي عمل کان بچائڻ ۽ موجوده زرعي طريقن ک?? تبديل ڪرڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڏينه?? شرم الشيخ ۾ موسميات?? تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان پينل مباحثي کي خطاب ڪندي هن جديد ۽ پائيدار زرعي طريقن کي ترجيح ڏيڻ لاءِ آبادگارن کي ٻيهر تعليم ڏيڻ ۽ فنانسنگ ۾ سيڙپڪاريءَ جي اهميت تي روشني ??ڌي. هن 2010ع ??ي ٻوڏ ۽ ان کانپوءِ جي امدادي سرگرمين ۽ ان بابت سکيل سبقن جي باري ۾ پنهنجي ذاتي تجربن کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بدقسمتيءَ سان 10 سالن جي خشڪ سالي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ آبادڪاري جي اجازت ڏني جنهن 2022ع جي ٻو?? کي وڌيڪ تباهه ڪُن بڻيو. هن پينل مباحثي کي علائقي ۾ رليف مهم جي حوالي سان پنهنجن تجربن ۽ ان تباهه ڪُن جي اثرن جي باري ۾ ٻُڌايو جيڪي هن پاڻ ڏٺا.