راولپنڊي-23 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??ربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج جي ??ياست ۾ مداخلت غير آئيني آهي، گذريل سال فيبروريءَ ۾ فيصلو ڪيو هو ته اڳتي ڪنهن سياسي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سازش ٿئي ۽ فوج هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي، اڳوڻي اوڀر پاڪستان فوجي نه پر سياسي ناڪامي هئي، اسان کي جمهوريت جي ??وح کي سمجهندي ۽ عدم برداشت جي فضا کي ختم ڪندي پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اختيار ڪرڻو آهي، سليڪٽيڊ ۽ امپورٽڊ جهڙا لقب ۽ رويا رد ڪري فتح ۽ شڪست کي قبول ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن جي ??يڇ ڪيو راولپنڊي يومِ دفاع ۽ شهداء تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد چ??و ته اڄ يومِ شهداء پاڪستان کي آرمي چيف طور آخري ڀيرو خطاب ڪري رهيو آهيان، ٻوڏ سبب يومِ شهدادء دير سان منعقد ڪيو ويو، شهيدن جا وارث اسان جو فخر آهن، انهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداس??ن، 6 سال جي مُدي ۾ شهيدن جي پونيئرن کي هميشه اُتم رکيو، شهيدن جي قربانين جو صلو نٿا ئي سگهون جڏهن ته توهان جي پيارن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. آرمي چيف چ??و ته مونکي فخر آهي ته 6 سال هن فوج جو سپهه سالار رهيو آهيان، فوج جو بنيادي ڪم ملڪ جي ??اگرافيائي حدن جي ??فاظت ڪرڻ آهي، جڏهن ته پاڪ فوج هميشه پنهنجي ??گهه کان وڌي ڪري پنهنجي قوم جي ??دمت ۾ هميشه اڳتي رهي آهي، ريڪوڊڪ جو معاملو هجي يا ڪار ڪي جو ڏنڊ، ايف اي ٽي ايف جا نقصان هجن يا ملڪ کي وائيٽ لسٽ سان ملائڻ يا ??اٽ?? کي ضم ڪرڻ، بارڊر تي ڪنڊيدار تارون وڇائڻيون هجن يا قطر مان سستي گيس مهيا ڪرائڻ يا دوست ملڪن کان قرض جاري ڪرائڻ، ڪووڊ جو مقابلو يا ماڪڙ جو خاتمو، ٻوڏ دوران امدادي ڪارروايون هجن، فوج هميشه پنهنجي ميڊيٽ کان اڳتي وڌي قوم جي ??دمت ڪئي آهي ۽ انشاءَ الله ڪندي رهندي. هن چ??و ته مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن ڪمن باوجود فوج پنهنجي ??نيادي ڪم ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ کان ڪڏهن به غافل نه ٿيندي، توهان ڄاڻو ٿا ته اڄ اسان جي ??هرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪو امن آهي ان جي پويان اسان جي هزارين شهيدن جون قربانيون آهن، جن کي ڪڏهن به نٿو وِساري سگهجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي قومون پنهنجي ??هيدن کي وِساري ڇڏينديون آهن اهي ختم ٿي وينديون آهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد چ??و ته مان اڄ هڪ اهڙي موضوع تي پڻ ڳالهائڻ چاهيان ٿو جنهن تي اڪثر ماڻهو ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا ۽ اها ڳالهه 1971ع ۾ اسان جي فوج جي ??ڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ ڪارڪردگيءَ بابت آهي. هن چ??و ته مان هتي ڪجهه حقيقتون دُرست ڪرڻ چاهيان ٿو، اڳوڻو اوڀر پاڪستان هڪ فوجي نه پر هڪ سياسي ناڪام هئي. جنگ وڙهندڙ فوجين جو انگ 92 هزار نه صرف 34 هزار هو، باقي ماڻهو مختلف سرڪاري کاتن جا هئا ۽ انهن 34 هزار ماڻهن جو مقابلو اڍائي لک ڀارتي فوج، 2 لک تربيت يافته مڪتي باهني سان هو، جڏهن ته ان باوجود اسان جي فوج تمام بهادريءَ سان وڙهي ۽ بي مثال قربانيون پيش ڪيون، جنهن جو اعتراف پاڻ اڳوڻي ڀارتي آرمي چيف فيلڊ مارشل مانيڪشا به ڪيو. انهن بهادر غازين ۽ شهيدن جي قربانين جو اڄ تائين قوم اعتراف ناهي ڪيو جيڪا تمام وڏي زيادتي آهي. هن چ??و ته ڪجهه ڳالهيون سياسي صورتحال جي ??والي سان ڪرڻ چاهيندس، مان ڪافي سالن کان ان ڳالهه تي غور ڪري رهيو هئس ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني حقن جي ??لاف ورزي ڀارتي فوج ڪندي آهي پر ان جي ??وام انهن کي تنقيد جو نشانو نه بڻائيندي آهي، ان جي ??بتڙ اسان جي فوج ڏينهن رات قوم جي ??دمت ۾ مصروف رهندي آهي ۽ هميشه تنقيد جو نشانو بڻجندي آهي. منهنجي ويجهو ان جو وڏو سبب 70 سال کان فوج جي مختلف صورتن ۾ سياست ۾ مداخلت آهي جيڪو غير آئيني آهي، ان لاءِ گذريل سال فيبروريءَ ۾ فوج تمام گهڻي سوچ ۽ غور کانپوءِ فيصلو ڪ??و ته اڳتي فوج ڪنهن به سياسي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي. هن چ??و ته مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ان تي سختيءَ سان عمل ڪنداسين ۽ اڳتي به قائم رهنداس??ن، تڏهن ته ان آئيني عمل جي ??جيان ڪرڻ بجاءِ ڪجهه حلقن فوج کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائي غير مناسب ۽ ڪِريل ٻوليءَ جو استعمال ڪيو. فوج تي تنقيد عوام ۽ سياسي پارٽين جو حق آهي، جڏهن ته لفظن جي چونڊ ۽ استعمال ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي. هڪ جعلي ۽ ڪوڙو بيانيو بڻائي ملڪ ۾ بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪئي وئي ۽ هاڻي ان ڪوڙي بيانيي کان راهه فرار اختيار ڪئي پئي وڃي. سول ملٽري ليڊرشپ کي غير مناسب لقبن سان سڏيو ويو، مان توهان کي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته فوج جي قيادت ڪجهه به ڪري سگهي ٿي پر ڪڏهن به ملڪ جي مفاد خلاف نٿي وڃي سگهي. مون کي اميد آهي ته سياسي پارٽيون به پنهنجي ??وين تي نظرثاني ڪنديون، اسان کي پنهنجي ??لطين مان سبق سکي اڳتي وڌڻ گهرجي، اڄ پاڪستان سنگين معاشي بحران جو شڪار آهي. ڪا به هڪ پارٽي انهن مسئلن مان نٿي ڪڍي سگهي، وقت اچي ويو آهي ته اسٽيڪ هولڊرز ماضي جي ??لطين مان سکي اڳتي وڌن، پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اختيار ڪرڻو پوندو، کٽڻ هارائڻ سياست جو حصو آهي، هر پارٽي کي پنهنجي ??ڪست ۽ فتح کي قبول ڪرڻو پوندو. اسان لاءِ پاڪستان نعمت خداوندي آهي. شهيدن جي پوئينرن جي ??قريب ۾ آمد تي شڪر گذار آهيان، اڄ تجديد عهد جو ڏينهن آهي، اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي ??هتري لاءِ ڪم ڪنداس??ن، مادر وطن لاءِ ڪنهن قرباني کان پوئتي نه هٽنداس??ن، آرمي چيف چ??و ته ڇا توهان اهو سمجهو ٿا ملڪ ۾ هڪ پرڏيهي سازش ٿئي ۽ آرمڊ فورسز هٿ تي هٿ رکي خاموشي ويهي رهندي؟ اهو ناممڪن آهي، پر اهو گناهه ڪبيره آهي، جيڪي ماڻهو اهي سمجهن ٿا ته هو فوج ۽ عوام ۾ ڏار وجهندا اهي به هميشه ناڪام ٿيندا، فوج جي قيادت وٽ ان نامناسب يلغار جو جواب ڏيڻ لاءِ ڪيترائي موقعا ۽ وسيلا موجود هئا پر فوج ملڪ جي مفاد ۾ حوصلي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪو به ناڪاري بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو. هن چ??و ته اها ڳالهه سڀني کي پنهنجي ??هن ۾ ويهارڻ گهرجي ??ه ان صبر جي هڪ حد آهي، مان پنهنجي ۽ فوج خلاف ان نامناسب ۽ جارحاڻي رويي کي درگرز ڪري اڳتي وڌڻ چاهيان ٿو ڇاڪاڻ ته پاڪستان اسان سڀني کان افضل آهي، ماڻهو ۽ پارٽيون ته اينديون وينديون رهنديون آهن پر پاڪستان انشاءُ الله قائم رهندو. آرمي چيف چ??و ته فوج ته پنهنجو ڪيٿارسس شروع ڪري ڇڏيو آهي، مون کي اميد آهي ته اسان جون سياسي پارٽيون به پنهنجي ??ويي تي نظرثاني ڪنديون، اها به حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ هر اداري، سياسي پارٽي ۽ سول سوسائٽي کان به غلطيون ٿيون آهن اسان کي انهن غلطين مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌڻ گهرجي. مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان اڄ سنگين معاشي ڏکيائين جو شڪار آهي ۽ ڪا به هڪ پارٽي پاڪستان کي هن معاشي بحران مان نٿي ڪڍي سگهي، ان لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڀ اسٽيڪ هولڊرز پنهنجي ??اتي انا کي هڪ طرف رکندي ماضي جي ??لطين مان سکن ۽ اڳتي وڌن ۽ پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍن. هن چ??و ته ان سان گڏوگڏ اسان کي جمهوريت جي ??وح کي سمجهندي ۽ عدم برداشت جي فضا کي ختم ڪندي پاڪستان ۾ هڪ سچو جمهوري ڪلچر اختيار ڪرڻو آهي. 2018ع جي ??ام چونڊن جي ??والي سان ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چ??و ته 2018ع جي ??ام چونڊن ۾ ڪجهه پارٽين آر ٽي ايس جي ويهڻ کي بهانو بڻائي کٽيل پارٽي کي سليڪٽيڊ جو لقب ڏنو ۽ 2022ع ۾ اعتماد جو ووٽ وڃائڻ کانپوءِ هڪ پارٽي ٻي پارٽي کي امپورٽيڊ جو لقب ڏنو، اسان کي ان رويي کي رد ڪرڻو پوندو، کٽڻ ۽ هارائڻ سياست جو حصو آهي هر پارٽي کي پنهنجي فتح ۽ شڪست قبول ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو.