اسلام آباد ??? 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان سان جمهوريه ازبڪستان جي پرڏيهي ??عاملن جي اول نائب وزير فرقت صديقوف ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي وسيع م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.