اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روڊ سيفٽي بابت شعور ۽ آگاهي اجاگر ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته قيمتي جانين کي بچائڻ جي لاءِ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد ضروري آهي، وڌندڙ آبادي ۽ گاڏين ۾ اضافي سبب قدرتي ماحول متاثر ٿي رهيو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار روڊ سيفٽي بابت پارليامينٽرينز جي ٻن ڏي??هن واري عالمي ڪانفرنس جي ??فتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام انٽرنيشنل پارليامينٽرينز ڪانگريس (آءِ پي سي) يورپي يونين جي مالي مدد سان هلندڙ منصوبي مستحق پارليامينٽ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جي ??صيداري سان ڪيو هو. ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان پارليامينٽرينز، سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، يورپي يونين جي نمائندن، غيرملڪي سفارتڪارن، ملڪي ۽ غيرملڪي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي ??بادي جي لحاظ سان ٽرانسپورٽ جي ??رورت کي ڏسڻ گهرجي، روڊ سيفٽي جي ??والي سان تجويزن جي ??جيان ڪنداسين. ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازن تي زور ڏنو ته اهي روڊ سيفٽي جي ??امع پروگرامن کي قومي منصوبابندي ۾ شامل ڪن. هن روڊ سيفٽي تي موثر قانونسازي ڪرڻ ۾ پارليامينٽرينز جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ڪميونٽيز کي بهتر لاڳو ڪرڻ بابت آگاهي ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته روڊن تي ٽريفڪ جي ماپي ۾ اضافي کانپوءِ قيمتي جانين کي بچائڻ جي لاءِ حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائڻ جي ??هميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن روڊ استعمال ڪندڙن کي مشورو ڏنو ته اهي ٽريفڪ حادثن کان بچڻ جي لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي چوڪس رهن. صدر گاڏي هلائيندڙن کي نظم ۽ ضبط خاص طور تي سيٽ بيلٽ جي ??ستعمال ۽ موٽرسائيڪل سوارن جي لاءِ هيلمٽ پائڻ تي به زور ڏنو. هن چيو ته ٽريفڪ حادثن ۾ فوتگيون خاندانن جي لاءِ تڪليف ڏي??دڙ هونديون آهن. هن چيو ته نگراني ڪندڙ ڪئميرائن جي ??ريعي ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد روڊ محفوظ بنيادي ڍانچي ٽريفڪ جي ??ساني سان سمجهڻ وارين تصويرن ۽ گاڏين جي مناسب جانچ سان حادثن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته روڊ تي گاڏي هلائڻ کان اڳ سيفٽي جو خيال رکڻ گهرجي. موٽرسائيڪل هلائيندڙ هيلمٽ جو استعمال ضرور ڪن، روڊ حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ قانونن تي عملدرآمد به لازمي آهي. ان جي نتيجي ۾ روڊ حادثن ۽ انساني جانين جي ??يان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي روڊ سيفٽي ڪانفرنس فار پارليامينٽرينز جي ??نعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد ڏي??دي چيو ته ڪانفرنس سان ماڻهن ۾ شعور ۽ آگاهي وڌڻ ۾ مدد ملندي. دونهين وارين گاڏين کي روڪڻ تمام ضروري آهي. صدر چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا ۽ گلوبل وارمنگ درپيش رهيا آهن.