اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر شعب?? ۾ ??ورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي، پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ عورت پارليامينٽرينز جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم پارليامينٽ ۾ عورت پارليامينٽرينز جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتون پاڪستان جي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، قانونساز?? ۾ ??ورتن جي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. حڪومت هر شعب?? ۾ ??ورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي. پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل ??هي. پنجاب ?? پنهنجي حڪومت جي دور ?? عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان قانونسازي پڻ شامل هئي.