ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر ايران جي پرڏيهي و??ير حسين امير عبداللهيان سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪ??ي. پرڏيهي آفيس موجب اها ملاقات افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس جي ??وق??ي تي ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ??ي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وزيرن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وسيع گنجائش موجود آهي. هن مختلف اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن پولان – گبد/ گوادر بجلي ٽرانسميشن لائين کي مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪندي. مملڪتي و??ير حنا رباني کر سرحدي علائقي جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اضافي جي لاءِ سرحدي بازارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران جي پرڏيهي و??ير حسين امير عبداللهيان ۽ مملڪتي و??ير حنا رباني کر افغانستان سميت علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.