اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت جي – 20 جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي، پاڪستان ڪش??ير مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو، ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ ڪش??ير مسئلي جو حل لازمي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفرآباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ت?? والاريل ڪش??ير جي عوام کي اسان جو اهو پيغام آهي ته منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون، تاريخ گواهه آهي ته ڀارت ڪش??ير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو ت?? ڪشميري عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندي. هن چيو ت?? ڀارت پاڻ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ڀارت پاران والاريل علائقي ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ڪرڻ جو مقصد دنيا ک?? ا??و تاثر ڏيڻ آهي ته والاريل ڪش??ير ۾ حالتون معمول موجب آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪش??ير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ڊپٽي اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي چيو ت?? پهريون پرڏيهي وزير آهيان جنهن کي آزاد ڪش??ير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. هن ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ت?? والاريل ڪش??ير جي عوام کي اسان جو پيغام آهي ته اسان خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ت?? والاريل ڪش??ير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قانوني قدم کي رد ڪريون ٿا، ڀارتي قدم عالمي قانونن جي خلاف آهي، ڀارت والاريل علائقي ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جون کليل خلاف ورزيون ڪيون آهن، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو هو ت?? ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ت?? ڀارت کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻو پوندو، ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون. هن چيو ت?? ڀارت جي – 20 جي سربراهي سان پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ت?? ڪش??ير مسئلو عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، ڀارت ڪشميرين کي ريفرنڊم جو حق ڏي، اسان جو اهو مطالبو آهي ته ڀارت والاريل ڪش??ير مان پنهنجي فوج واپس گهرائي. پرڏيهي وزير خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.