راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي الزامن کي من گهڙت ۽ بدنيت?? تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته ??دارو ڪوڙ، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف ق??نوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چ??و ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بنا ثبوتن جي انتهائي بي بنياد الزام لڳايا آهن، حاضر سروس فوجي آفيسرن تي بنا ثبوتن جي الزام انتهائي غيرذميوارڻا ۽ بي بنياد آهن، گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيلي جنس اهلڪارن کي چڙ ڏياريندڙ ۽ سنسني خيز پروپيگنڊا ذريعي سياسي مقصدن لاءِ نشانو بڻايو پ??و وڃي، لاڳاپيل اڳواڻن کي چئون ٿا ته هو ڪوڙا الزام لڳائڻ بند ڪن ۽ قانوني رستي جو سهارو وٺن. ادارو واضح طور تي ڪوڙن، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف ق??نوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.