اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي انشورنس معاملن ۾ انصاف جي فر??هم?? لاءِ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي وفاقي انشورنس محتسب جي سالياني رپورٽ سال 2022ع ايوان صدر ۾ پ??ش ڪئي وئي. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل رپورٽ پ??ش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته عوام کي انشورنس معاملن ۾ انهن کي درن تي انصاف جي فر??هم?? تيز ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عوام انشورنس پاليسين بابت شڪايتن جي حل لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪري ۽ انشورنس معاملن ۾ انصاف جي فر??هم?? ۾ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃ??. ص??ر وفاقي انشورنس محتسب جي سال 2022ع جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي انشورنس محتسب سال 2022ع جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 4634 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو جڏهن ته سال دوران انشورنس پاليسي هولڊرز کي 2.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاقي انشورنس محتسب 95 سيڪڙو انشورنس ڪيسز جو ازالو 60 ڏينهن جي اندر ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فر??هم?? لاءِ انشورنس محتسب سکر ۽ حيدرآباد ۾ نيون آفيسون کوليون آهن.