اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سال 2022ع دوران پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ آيل ٻوڏ سان 14 ارب 90 ڪروڙ ڊا??رن جي نقصان جڏهن ته ان جي بحاليءَ لاءِ 16 ارب 30 ڪرور ڊا??رن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. جاري ڪيل ??قتصادي سروي مطابق ان سال کان ه??ئوسنگ کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو 5 ارب 6 ڪروڙ ڊا??ر، زراعت، خوراڪ، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کي 3 ارب 7 ڪروڙ ڊا??ر، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات کي 3 ڪروڙ 30 لک ڊا??رن جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبي جي تعمير ۽ نئين سر بحاليءَ لاءِ 5 ارب ڊا??ر جڏهن ته خوراڪ ۽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ 4 ارب ڊا??ر، هائوسنگ لاءِ 2 ارب 80 ڪروڙ ڊا??رن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.