اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي مواصل??ت وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان بجيٽ 24 – 2023ع ۾ معاشي مشڪلاتن جي باوجود ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مشڪلاتن جي ازالي جي قدمن جي ??مو??يت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻن وزيراعظم جي خيبرپختونخواهه خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي ل??ءِ خصوصي قدمن کي ساراهيو.