اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ بابت شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي آهي. هن اها هدايت قومي اسيمبلي ميمبر زهره ودود فاطمي سان ملاقات دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زهره ودود فاطمي کيس وزيراعظم جي بااختيار عورتن بابت خصوصي قدم جاري ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. زهره ودود فاطمي وزيراعظم جي ??وٿ پروگرام تحت پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي ??اءِ ليپ ٽاپس، وظيفن، بنا وياج قرضن ۽ انٽر پرينيورشپ جا پروگرام جاري ڪرڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. زهره ودود فاطمي وزيراعظم کي ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??اڳاپيل عملدارن کي (ايم ڊي ڪيٽ) شاگردن جي سمورن مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي.