اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) ع??رت پارليامينٽ ميمبرن جي گروپ وومين ڪاڪس جي انتظام هيٺ ”ڪل جماعتي عورتن جو منشور“ جي عنوان ??ان ٻن ڏينهن واري گول ميز ڪانفرنس شروع ٿي وئي جنهن جو پڄ??ڻي وارو سيشن سڀاڻي اربع ڏينهن ٿيندو. ڪانفرنس جو بنيادي مقصد پاڪستان ??ي 75 سالا تاريخ ۾ سياسي پارٽين پاران پاڪستان ۾ عورتن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ويزن ۽ فريم ورڪ جو تنقيدي جائزو وٺڻ آهي. افتتاحي اجلاس جي صدارت سيڪريٽري ڊبليو پي سي ڊاڪٽر شاهده رحماني ڪئي جنهن کانپوءِ لاڳاپيل ماهرن جي موجودگي ۾ بريڪ آئوٽ سيشنز ٿيا. سياست، قانون، واپار، تعليم، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي ۽ صحت ۾ عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر شاهده رحماني چيو ته پاڪستان ??ي سياسي جدوجهد ۾ پاڪستان ??ي عورتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. عورتن هر ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ع??رت سياستدانن جو ڪردار رڳو مخصوص سيٽن تائين محدود نه آهي پر فاطمه جناح، بينظير ڀٽو شهيد ۽ ٻين عورتن آمريتن جي خلاف جمهوري جدوجهد جي قيادت ڪئي آهي. پاڪستان ??ي گهٽ نم??ئندگي واري عورتن کي درپيش مسئلن جي اعتراف ۾ عورتن جو هي منشور انهن موضوعن ۽ شعبن تي م??ڪوز آهي جيڪي عورتن جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جي لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سيڪريٽري ڊبليو پي سي کانسواءِ ٻين مقررين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چونڊ نظام ۾ عورتن جي شموليت کي رڳو ووٽنگ تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر سياسي پارٽين کي ان ??ي ميرٽ جي بنياد تي عام چونڊون وڙهڻ جي لاءِ حمايت حاصل هجڻ گهرجي. عورتن جي سياسي شرڪت کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي پاڪستان ۾ عورتن جو آواز ٻڌڻ ۽ انهن جي نم??ئندگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي. سلطانه صديقي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ثقافت ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن. هن چيو ته پاڪستان ??ي سمورن ادارن ۾ عورتن جي نم??ئندگي کي يقيني بڻايو وڃي. حنا جيلاني سيشن دوران ??يمارڪس ڏيندي چيو ته عورتن کي م??اشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ معاون ماحول جي جوڙجڪ تمام ضروري آهي. صنفي برابري هر معاشري جي م??موعي ترقي ۽ اڳڀرائي جي لاءِ ضروري آهي. وڌيڪ اهو چيو ويو ته حڪومت، پاليسي ساز، قانوني م??هرن ۽ سول سوسائٽي کي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ گڏيل طور تي موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضر??رت آهي. ”آل پارٽي وومين ميني فيسٽو“ سيمينار جي عنوان ??ان هن ٻن ڏينهن واري وومين ميني فيسٽو ايونٽ جو مقصد عورتن جي لاءِ وبائي م??ضن کانپوءِ درپيش چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم طور ڪم ڪرڻ آهي ۽ هڪ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ ۽ ٺوس پاليسين جي جوڙجڪ ذريعي اڳتي وڌڻ جو رستو ٺاهڻ آهي جيڪو عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اهم آهي. اهو ڪم هڪ نئين عزم ۽ ڌيان ??ان ٿيڻ گهرجي. ڊبليو پي سي جو مقصد سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سياسي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي آسان ??ڻائي سگهجي جنهن جو مقصد پاڪستان ??ي عام چونڊن کان ??ڳ سياسي پارٽين جي منشور ۾ عورتن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ آهي.