اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستاني نوجوانن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته ن??جوان اسان جو مستقبل آهن، نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جيڪا نوجوانن تي ٻڌل آهي کي نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي تمام گهڻيون ??بارڪون ??جن، پاڪستان کي جتي رب ڪ??يم بيشمار قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، اتي اسان جي نوجوان افرادي قوت اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. بدقسمتي سان ماضي م نوجوانن جي ترقي لا??ِ ڪو خاص توجهه ن?? ڏنو ويو پر الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان جڏهن عوام مون کي پنهنجي اعتماد سان پنهنجي خدمت جي ذميواري سونپي ته مون ??نهنجون سموريون توانايون انهن ڪوششن ۾ صرف ڪيون. گذريل 15 مهينن ۾ نوجوانن لا??ِ عالمي معيار جي تعليمي سهولتن، عالمي گهرجن سان هم آهنگ پيشيواراڻي تربيت، لا??عداد وظيفن، انڊومنٽ فنڊن، راندين جي سهولت، ليپ ٽاپس ۽ آسان قرض فراهم ڪيا. نوجوان اسان جو مستقبل اهن ۽ ملڪ جو معمار آهن. نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي.