اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ايف سڪس ٽو ۾ آءِ سي جي انتظام هيٺ اسٽوڊنٽ پروجيڪٽ ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته آئون پرنسپل ۽ استادن کي مبارڪون ڏيان ٿو، مون کي انتهائي خوشي آهي ته اسان جي شاگردن جي پريڪٽيڪل ناليج تي به زور ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير حصو وٺندڙ شاگردن لاءِ پنج، پنج هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هر قسم جو دنياوي عل?? حاصل ڪريون، دنياوي علم هاڻي ??لاس روم کان گ??ڻو اڳتي هليو ويو آهي ۽ اسان کي به هاڻي دنيا جي ڪامياب ترين قومن سان گڏجي هلڻ گهرجي. هن چيو ته شاگرد اسان جي قوم جو مستقبل آهن کين هر قسم جون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته استاد شاگردن جي پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ??ند?? آهن، اسان کي ان ذميواري جو حق هر لحاظ کان پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ انهن ??اگردن جي صلاحيت ڏسي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسان جو مستقبل مضبوط هٿن ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ??سان جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو اهڙو معيار هجي ته ڪنهن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.