بيجنگ – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بيلٽ اين?? روڊ انيشي ايٽو پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا، اهو منصوبو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي. اها ڳالهه هن چين جي دوري تان وطن واپسي جي موقعي تي چائنا ميڊيا گروپ جي اردو سروس سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير بيلٽ اين?? روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جي 10 هين سالگرهه تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اهو منصوبو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جو سنهري باب آهي، سي پيڪ پاڪستان جي توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جي شعبن ۾ نمايان سيڙپڪاري فراهم ڪئي آهي جنهن سان ترقي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا. هن ان يقين جو ا??ها?? ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳ??پا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ايم ايل ون جهڙا نوان منصوبا جاري آهن. هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي ريل سروس ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو ۽ روزگار ۽ ترقي جا نوان موقعا متعارف ڪرائيندو. نگران وفاقي وزير ان يقين جو ا??ها?? ڪيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي اعليٰ قيادت جو چين جو ايندڙ دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪندو. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامي جي باوجود پاڪ چين لاڳ??پا هر گذرندڙ وقت سان گڏ بهتر ٿي رهيا آهن.