اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو سڀ کان وڏو منصوبو اي?? اي?? ون (ريلوي) جو تعميراتي ڪم اي??دڙ مالي سال کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پلان موجب اي?? اي?? ون تي 6.7 ارب ڊالر جي مجموعي لاڳت اي??دي جنهن تي پاڪستان ۽ چين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته ان منصوبي تي شروعاتي لاڳت 9 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هئي پر هاڻي اهو منصوبو 6.7 ارب ڊالر جي لاڳت سان شروع ٿيندو جنهن تي ٻنهي ڌرين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو. ذريعن موجب اي?? اي?? ون فيز ون جي لاڳت 2.7 ارب ڊالر، فيز ٽو جي لاڳت 2.6 ارب ڊالر ۽ فيز ٿري جي لاڳت 1.4 ارب ڊالر هوندي. پهرين مرحلي ?? اي?? اي?? ون تحت نوابشاهه کا?? ر??هڙي، ملتان کان لاهور ريلوي ٽريڪ ٺهندو، ٻئي مرحلي ?? لاهور کان لالا موسيٰ، ڪيماڙي کان حيدرآباد ريلوي ٽريڪ جڏهن ته ٽئين مرحلي ?? حيدرآباد کان ملتان، لالا موسيٰ کان راولپنڊي ريلوي ٽريڪ ٺاهيا ويندا. وڌيڪ اهو ته اي?? اي?? ون تحت راولپنڊي کان پشاور ۽ حويليان تائين ٻه ڊرائي پورٽس پڻ ٺاهيون وينديون جڏهن ته اي?? اي?? ون جي مڪمل ٿيڻ سان 134 ٽرينون 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هلنديون. واضح رهي ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن مان مطمئن آهي ۽ تازو ئي ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ عهديدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ۽ وڌيڪ امداد جاري رکڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي.