بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل ??جي??ڻي ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بي??ن موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي لاءِ ڏنل ??جي??ڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گريٽ هال آف پيپلز پهتو جتي چيني صدر شي جن پنگ ۽ خاتون اول پانگ لي يوان نگران وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. نگران وفاقي ڪابينا جي وزيرن پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ ??جي??ڻي ۾ شرڪت ڪئي. گريٽ هال آف پيپلز ۾ منعقد ان ??جي??ڻي ۾ روس، ڪينيا، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا، قزاقستان، ازبڪستان، پاپوا نيوگني، موزمبيق، چلي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم ??جي??ڻي ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.