بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ??عاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اها ڳالهه چين ۾ منعقد ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٿي. ملاقات جي لاءِ اچڻ تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ??عاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ روس هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پڻ ٻطرفو تعاون اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ڪيترن ئي ??لائقائي ۽ ??ال??ي معاملن تي گڏيل سوچ رکن ٿا، روس سان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان تعميري ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته بطور سينيٽر روس جو دورو ڪري چڪو آهيان، ٻئي ملڪ ويجها ثقافتي ۽ اخلاقي قدر رکندڙ آهن. هن چيو ته پاڪستان کي توانائي ??ي کوٽ درپيش آهي، 24 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي وارو هي ملڪ توانائي ??ي وڏي مارڪيٽ آهي، توانائي ??ي شعبي ۾ روسي سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ روس سان لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته خطي جي معاشي ترقي جي لاءِ سلامتي يقيني بڻائڻ ضروري ??هي، خطي جي معاشي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??ال??ي سطح تي غذائي ??حفظ جي لاءِ روس قدم کڻي رهيو آهي، روس غريب ترين آفريقي ملڪن کي مفت اناج جي فراهمي جو منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سان معيشت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ??هيا آهيون.