بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ ??نيشي ايٽو (بي آر آئي) ترقي ۽ خوشحالي ۽ خطي جي لاءِ گيم چينجر منصو??و آهي، سي پي?? بي آر آئي جو فليگ شپ منصو??و آهي، پاڪستان ۾ سي پي?? ۾ ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو، دنيا کي ماحولياتي تبديلي، غذائي تحفظ ۽ وبائن جو چئلينج درپيش آهي، گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن ۾ ئي انسانيت جي ڀلائي آهي. ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ ??ي اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته بي آر آئي فورم ۾ شرڪت تي تمام گهڻي خوشي آهي. بيلٽ اينڊ روڊ ??ي تصور تي صدر شي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، بي آر آئي ترقي ۽ خوشحالي جو منصو??و آهي، بي آر آئي ۽ سي پي?? کي 10 سال مڪمل ٿي چڪا آهن. عوامي سطح تي رابطن ۽ معاشي ترقي کي بي آر آئي سان فروغ مليو آهي. هن چيو ته ٺوس رابطنا ئي عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجن ٿا. هن چيو ته چين جي ترقياتي ماڊلز کان تمام گهڻو متاثر آهيون، دنيا کي ماحولياتي تبديلي، غذائي تحفظ ۽ وبائن جا چئلينج درپيش آهن. ٽرانسپورٽيشن، توانائي ۽ ڊيجيٽل فرق جي خاتمي لاءِ عالمي سيڙپڪاري ضروري آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ پاڪستان ۾ بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي سي پي?? جي شروعات ٿي. سي پي?? تحت 25 ارب ڊالر جا 50 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن، سي پي?? منصوبن سان پاڪستان ۾ 8 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي ۽ 10 هزار ميگاواٽ جا منصوبا پڄاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته گوادر م عالمي ايئرپورٽ جلد فعال ٿي ويندو. ٺوس سڌاراجاتي رابطن جي ذريعي زراعت ۽ صنعت ترقي ڪندي. هن چيو ته ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ تي چيني قيادت خراج تحسين جي مستحق آهي. پاڪستان سي پي?? ۾ ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو.