بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائون??ل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن چين ج?? دوري دوران من ميٽلز جي چيئرمين وينگ زو ليانگ ۽ ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن آف چائنا جي چيئرمين چن ج??انوانگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ کاڻين ج?? کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم شريڪ ٿيندڙن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته حڪومت ”هول آف دي گورنمينٽ اپروچ“ جي تحت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.