اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ??يو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني غيرملڪين کي ڪڍڻ جو فيصلو خودمختيار ملڪي قانونن ۽ عالمي اصولن موجب آهي. ترجمان ممتاز زهره بلوچ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) جي هڪ بيان جي جواب ?? ??يو ته اهو فيصلو پاڪستان جي خودمختيار ملڪي قانونن ۽ لاڳو عالمي قدرن ۽ اصولن موجب آهي. يو اين ايڇ سي آر پاڪستاني عملدارن کي ??پيل ڪئي هئي ته پهرين نومبر جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ ملڪ بدري جو فيصلو معطل ڪيو وڃي. ترجمان ??يو ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو پريس بيان ڏٺو آهي، غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپسي جو منصوبو (آئي ايف آر پي) ان جي قوميت ۽ اصل ملڪ کان قطعي نظر، پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غيرملڪين تي لاڳو ٿئي ٿو. ترجمان ??يو ته پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ يا رجسٽرڊ سمورا غيرملڪي شهري ان منصوبي جي دائري کان ٻاهر آهن. پاڪستان حڪومت انهن ماڻهن جي تحفظ ۽ حفاظت جي ضرورتن جي حوالي سان پنهنجي واعدن کي ??نتهائي سنجيدگي سان وٺي ٿي. هن ??يو ته لکين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ميزباني ?? ملڪ جو گذريل 40 سالن جو رڪارڊ ان جو ثبوت آهي. ترجمان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ترجيحي معاملن طور تي پائيدار حل جي سلسلي ۾ پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي ??يز ڪري. هن ??يو ته پاڪستان ان مقصد جي لاءِ پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.