اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ (زيڊ اي آر آر اي) ب??بت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ٻارن جي تحفظ جي لاءِ ان کي موثر لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، سمورن صوبن جي پوليس ۽ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايجنسي سميت مختلف ڌرين جي وچ ۾ موثر رابطه ڪاري ۽ معلومات جي فوري حصيداري گم ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي وقت سر بازيابي ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ ب??بت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني ??قن واري وزارت جي سيڪريٽري الهڏنو خواجه، آءِ جي اسلام آباد، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب پوليس جي ايڊيشنل آءِ جيز، اين جي اوز جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. انساني ??قن واري وزارت جي سيڪريٽري زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع ب??بت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 2020ع کان هيستائين 2246 ٻارن جي گم ٿيڻ جا ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. هن زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي ب??بت اجلاس کي آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پي ايم پورٽل تي ڊيٽا کي محفوظ رکڻ ۽ ZARRA اينڊ رائڊ ايپ لانچ ڪرڻ کانسواءِ پوليس سان ڪوآرڊينيشن مڪينزم پڻ قائم ڪيو ??يو آهي. اجلاس ۾ ضلعي ۽ ڪميونٽي جي سطح تي پوليس آفيسرن جي لاءِ تربيتي ماڊيول جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ??يو ته جيئن گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي جي لاءِ فوري ۽ وقت سر ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ انهن کي آگاهه ڪري سگهجي.