اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ في??يلي ٽيشن جي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ في??يلي ٽيشن تي حملن جي منع جو مع??هدو ٻين ڳالهين سان گڏ اهو فراهم ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ هر ڪئلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ في??يلي ٽيشن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان موجب ان مع??هدي تي 31 ڊسمبر 1988ع تي صحيحون ڪيون ويون ۽ اهو مع??هدو 27 جنوري 1991ع تي لاڳو ٿيو. مع??هدي جي آرٽيڪل II موجب پاڪستان ائٽمي ٺڪاڻن ۽ في??يلي ٽيشن جي فهرست باضابطا طور سوم?? ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ في??يلي ٽيشن جي فهرست پڻ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. مع??هدي تحت ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.