اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ق??ر سان واپار ۽ سيڙپ??ار?? سميت س??ورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، قطر پاران غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت فلسطين ۾ امن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان ۾ قطر جي سفير مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان واپار ۽ سيڙپ??ار?? سميت س??ورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم قطر جي امير جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ڏنو. نار خطي جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپ??ار?? سهولت ڪائونسل قطر سميت نار ملڪن جي سيڙپ??ار?? کي پاڪستان ۾ معيشت جي اهم شعبن ۾ سيڙپ??ار?? جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ راغب ڪرڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ق??ري سفير کي چيو ته هو سياحت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جا امڪان ڳولي. نگران وزيراعظم غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته فلسطين ۾ امن ق??ئم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ سفير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس مقرري دوران ٻئي ملڪ دوستي جي رشتي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.