اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت عورتن ج?? عالمي ڏينهن ج?? مناسبت سان هڪ خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب ۾ مختلف شعبن ج??ن ناليواريون پاڪستاني عورتون شريڪ ٿيون جڏهن ته اسلام آباد ۾ سفارتي ڪور جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ج?? عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ انهن ج?? مضبوط حصيداري ۽ مثبت سماجي تبديلين کي فروغ ڏيڻ ۾ انهن ج?? اهم ڪردار تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري عورت سفارتڪارن ج?? نمايان ڪاميابين تي پرڏيهي وزارت کي پاڪستان ۾ عوامي ادارن ج?? لاءِ هڪ روشن مثال طور تي اجاگر ڪيو جنهن ۾ عورت آفيسرن ج?? هڪ ذڪر جوڳو انگ موجود آهي جن پاڪستان ج?? پرڏيهي پاليسي کي اڳتي وڌائڻ ۾ بي مثال مهارت ۽ لگاءُ جو مظاهرو ڪيو آهي. تقريب ۾ هڪ پينل ڊسڪشن ج?? پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ادا ڪيا، جنهن ۾ بااثر عورت اڳواڻن ج?? شاندار سفر کي ڏيکاريو ويو. معزز پينلسٽس ۾ پاڪستان ج?? فارن سروس جي پهرين عورت آفيسر سفير فوزيه نسرين، عوامي صحت، سماجي ڀلائي ۽ عوامي خدمت ۾ پنهنجي خدمتن ج?? لاءِ مشهور سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ادبي شعبي جي ۽ تخليقي صلاحيتون رکندڙ امينه سيد ۽ صنفي برابري، سماجي انصاف، ٻارن ج?? حقن ۽ ذهني صحت جي هڪ اڻٿڪ وڪيل ناديه جميل شامل هيون. پينلسٽس پنهنجي پيشيواراڻي سفر مان حاصل ٿيندڙ انمول بصيرت بيان ڪئي جنهن ۾ صنفي حساس پاليسين کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن ک?? سگهه ڏيڻ جي ضرورت ۽ عورتن ج?? مجموعي ترقي کي آسان بڻائڻ ۽ انهن کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن ج?? ادراڪ ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ويو. بيان موجب ”وومين آف سبسٽنس“ ايونٽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان ج?? سماجي بيهڪ ۽ عالمي حيثيت کي جوڙڻ ۾ عورتن ج?? انمول شرڪت کي ملهائڻ لاءِ پرڏيهي وزارت جي اڻٿڪ عزم جو ثبوت آهي.