اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ٻطرفن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، هن برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت علائقائي ۽ گهڻ رخي معام??ن تي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد بحالي تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنه?? ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد وارن پيغامن تي برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ ۽ پرڏيهي وزير لارڊ ڊيوڊ ڪيمرون جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا تاريخي لاڳاپا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاو?? سان گڏوگڏ ڀرپور سياسي خيرسگالي ڏٺي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني وڃي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملاقات ۾ حڪومت جي معاشي ترجيحن خاص طور تي ملڪ کي درپيش اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. ان سلسلي ۾ وزيراع??م واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، عوام جي وچ ۾ رابط?? سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معام??ن تي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد کان جلد بحالي تي زور ڏنو جنه?? سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين کي آساني ملندي. هن برطانوي هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو شاهه چارلس ٽئين جي لاءِ سندس نيڪ خواهشون پهچائي ۽ ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪ??ي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صحتيابي کانپوءِ هو پاڪستان جو دورو ڪندو.