اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پا??ستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندو ۽ هر فورم تي انهن جي لاءِ ??واز بلند ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد ربيع سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سفير صدر آصف علي زرداري کي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن غزه جي پٽيءَ ۾ بيگناهه فلسطينين جي خلاف اسرائيلي فوج جي ظلمن ۽ دهشتگردي تي روشني وڌي. فلسطيني سفير سان ڳالهائيندي صدر فلسطيني عوام جي بهادري ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف ڊگهي جدوجهد کي ساراهيو. صدر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سمورين رڪاوٽن کي هٽائي ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ فلسطيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي غزه ۾ انساني امداد جي آزاداڻي پهچ جي لاءِ ڪوششون ڪري. هن چيو ته پا??ستان فلسطيني عوام جي لاءِ ??وراڪ ۽ دوائن سميت اضافي ??مدادي سامان موڪليندو. فلسطيني سفير تعليم جي شعبي ۾ پا??ستان جي حمايت کي ساراهيو، 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني پا??ستان جي تعليمي ادارن مان مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. هن فلسطيني صدر محمود عباس جو سلام پڻ پيش ڪيو ۽ فلسطيني عوام سان مسلسل حمايت ۽ يڪجهتي تي پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.