بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چ??ن جي ناڻي واري وزير لان فوآن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چ??ن جي ناڻي واري وزير پاڪ چين مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ?? ”??ل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو مظهر قرار ڏنو. هن خاص طور تي پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ وڌندڙ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ڏس ۾ مالي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني ناڻي واري وزير پاڪستان جي معيشت جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي اقتصادي ايجنڊا کي ساراهيو ۽ مالي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ چ??ن جي پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ نائب وزيراعظم جي تعاون کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ گورننس، روينيو ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ??يجنڊا جو ذڪر ڪيو. هن چين مان سيڙپڪاري کي پاڪستان جي ترجيح طور تي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ جن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي انهن ۾ زراعت، آءِ ٽي، کاڻ??ن جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي جا شعبا شامل آهن.