اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان توانائي واري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقاتون ڪيون، صدر ديامير ڀاشا ڊيم جي 1500 متاثرين کي في ڪس 47 لک رپين جو معاوضو ادا ڪر?? جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪر?? جي سخت ضرورت آهي، صدر هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪر?? جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتست??ن جي عوام کي علاج جي سه??لتن جي فراهمي جي لاءِ صحت سه??لت پروگرام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن گلگت بلتست??ن جي گورنر ۽ گلگت بلتستان ڪائونسل جي ميمبرن صدر کي علائقي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو هو ۽ صدر ملاقات ۾ گلگت بلتست??ن جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن جي خاطري ڪرائي هئي.