اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وف??قي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالي سال جي وف??قي بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهارو بڻائڻ سميت پن??ن بنيادي اصولن کي ??ظر ۾ رکيو ??يو آهي، هن وقت جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي 10 سيڪڙو شرح جٽادار ناهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال جي وف??قي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي بنياد کي ??سيع ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي، ملڪ ۾ هن وقت جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 10 سيڪڙو جي ويجهو آهي جيڪا پائيدار ناهي، ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 13 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. غير دستاويزي معيشت جو خاتمو به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل اڳتي وڌايو ??يو ??ڃي، ان سان ٽيڪس جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪيو ??يندو جنهن سان نه رڳ?? روينيو ۾ اضافو ٿيندو پر شفافيت پڻ ايندي. ناڻي واري وزير چيو ته وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن تي گهٽ ٽيڪس لڳايو ??يو آهي، نان فائلرز لاءِ ڪاروباري ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس جي شرح ۾ نمايان اضافو ڪيو ??يو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ان شرح کي 45 سيڪڙو تائين وڌايو ??يو آهي، اسان کي ??ان فائلرز جي سبب کي ??ن ملڪ مان ختم ڪرڻو پوندو، بجيٽ ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو ??يو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هي اهي پن?? بنيادي اصول آهن جن جي بنياد تي بجيٽ ترتيب ڏنو ويو آهي.