اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي م??ڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مضبوط دوستي جي وراثت کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني م??اسٽا جي تسلسل تي اتفاق ڪيو آهي. سي پيڪ س??اس?? پارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم (جي سي ايم) جي ٽئين اجلاس کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (آءِ ڊي سي پي سي) جي عالمي سعبي جي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي م??مبر ليو جيان چائو ميڊيا کي ٻڌايو ته اجلاس ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي س??اس?? اتفاق راءِ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جنهن چين جي وزير ليو جيان چائو سان گڏيل طور تي جي سي ايم اجلاس جي صدارت ڪئي، هن چيو ته هي پهريون موقعو آهي ته اسلام آباد جي سي ايم اجلاس جي م??زباني ڪئي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري جي فوري پوءِ ان جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستان جي سمورين وڏين س??اس?? پارٽين کي گهرايو ويو هو ۽ سينيئر اڳواڻن جي م??جودگي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جي لاءِ مضبوط دوستي جي اهميت تي اتفاق راءِ جو مظهر آهي. هن چيو ته س??اس?? پارٽين س??اس?? پيڪ منصوبن تي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ان جي اپ گريڊيشن جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ س??اس?? پارٽين جي ڪردار جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته آءِ ڊي سي پي سي وڌيڪ بين الپارلياماني ڳالهه ٻولهه جي لاءِ 300 پاڪستاني پارليامينٽرينز کي چين گهرائيندي. اسحاق ڊار چيو ته جي سي ايم پاڪ چين لاڳاپن سان گڏوگڏ سي پيڪ ۾ پڻ نئين روح وڌي آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي اڳواڻن ۽ عوام جي تصور موجب ٻطرفي دوستي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندي رهندي. چيني وزير ليو جيان چائو چيو ته چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي اهميت ۽ عوام جي لاءِ ان جي فائدن تي متفق آهن. هن چيو ته عالمي ??ئل??نجز جي پس منظر ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حصيداري انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته س??اس?? پارٽيون ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ گهري تعاون جي لاءِ ڪوششون جاري رکنديون. ماڻهن جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي ليو جيان چائو خاص طور تي جعلي خبرن جي ??ئل??نج کي م??هن ڏيڻ ۽ بهتر تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.