ڪراچي – 26 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بوهره ڪميونٽي پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يا?? موجب صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار بوهره ڪميونٽي جي سربراهه سيدنا مفضل سيف الدين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته بوهره ڪميونٽي پاڪستان جي معيشت ۽ ڪاروباري شعبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي. هن چيو ته بوهره ڪميونٽي جي تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. صدر سماجي خدمتن جي شعبي ۾ پاڪستان جي لاءِ س??دنا مفضل سيف الدين جي خدمتن کي ساراهيو.