اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪلي م??يشت جا اهڃاڻ بهتر ۽ پاڪستان جي م??يشت صحيح رُخ ۾ اڳيان وڌي رهي آهي، معاشي استحڪام جو بنياد رکيو ??يو آهي، ڍانچه جاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ٽيڪسن جو بار کڻڻ لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، صوبن جي م??اورت سان آءِ ايم ايف سان معاملن کي اڳيان وڌايو ??يو ??ڃي، ڍانچه جاتي سڌارن جو تسلسل برقرار رکڻ سان معاشي طور پاڻڀرو ٿيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ڪالهه قومي م??يشت جي اهم پهلو جي حوالي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته معاشي استحڪام جي حوالي سان سٺي اڳڀرائي ٿي آهي. گذريل 6 مهينن ۾ اسان جنهن سفر تي هئاسين ۽ هلي رهيا آهيون ان جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌيا آهن جيڪي 2 مهينن لاءِ روانگي واپار لاءِ ڪافي آهن، ڪرنسي م??تحڪم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، اهڙيءَ طرح ليٽر آف ڪريڊٽس، روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري تي منافعي جي منتقل جي حوالي سان بيڪ لاڪ ختم ڪيو ??يو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. گذريل سال آگسٽ ۾ اها شرح 23.7 سيڪڙو هئي جيڪا گهٽ ٿي 9.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پاليسي ريٽ ۾ ترتيبوار گهٽتائي اچي رهي آهي جنهن سان معيشت کي م??د ملي رهي آهي. انهن قدمن ۾ ناڻي وزارت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن جو ڪردار تحسين لائق آهي. هن چيو ته جولاءِ ۾ پرڏيهي م??ن اماڻيل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي. فچ ۽ موڊيز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ هڪ نوچ جو اضافو ٿيو آهي جيڪا ملڪي م??يشت تي عالمي ادارن جي اعتماد جو مظهر آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن به واڌ ٿيندي هئي ته گڏوگڏ خسارو به وڌي ويندو هو. ان صورتحال جي روشنيءَ ۾ معيشت جي بنيادن کي م??بوط بڻائڻ ضروري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته محصولن جي بنياد ۽ ڳاڻيٽي ۾ اضافو ضروري آهي. گذريل سال ايف بي آر جي م??صولن ۾ 29 سيڪڙو واڌ ٿي پر ان باوجود مجموعي قومي پيداوار جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 8.8 سيڪڙو جي ويجهو هئي. ڪوبه ملڪ ان شرح سان اڳتي نٿو وڌي سگهي. هن چيو ته ٽيڪسن جي شرح 13 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته قومي م??يشت جو 43 سيڪڙو حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، ٽيڪسن جي بار کي سمورن طبقن کي گڏجي کڻڻو پوندو جڏهن ته پگهاردار ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبو پهرين کان ئي ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، هول سيلرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ رٽيلرز کي درخواست آهي ته هو ملڪي م??يشت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حڪومت به انهن جا جائز مسئلا ??ُڌندي ۽ ان جي فائديمند تجويزن ۽ مشورن تي عمل ڪندي. ناڻي واري وزير واضح لفظن ۾ چيو ته هول سيلرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس جي حوالي سان قدم واپس نه ٿيندا جيڪڏهن قدم واپس کنيا ويا ته اهو طبقو به ناراض ٿيندو جيڪو پهريان کان ئي ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، ان لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر پاڻ چيو آهي ته 98 ارب رپين جو شارٽ فال آهي جڏهن ته اهو به ڏسڻو آهي ته 132 ارب رپين جا ري فنڊ به جاري ٿي چڪا آهن جيڪا اهم اڳڀرائي آهي ۽ ان سان ڪيش جي م??ئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. رائيٽ سائزنگ جي حوالي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي ڳاڻيٽي ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان حڪومت تمام واضع آهي جڏهن ته ان جو طريقيڪار به واضع آهي. رائيٽ سائزنگ ڪميٽيءَ ۾ 6 وزارتن کي وٺي ويا هئاسين جنهن مان 2 وزارتون ضم ٿيڻيون آهن. وزارتن جي ضم ٿيڻ سان آفيسرن جي انگ ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙيءَ طرح سمورن خود مختيار ادارن کي واري واري سڏائي تفصيل سان سندن مؤقف ورتو پيو ??ڃي ۽ ان جي م??ابق انهن کاتن ۽ ادارن کي بند ڪرڻ، ضم ڪرڻ يا منتقل ڪرڻ ج?? حوالي سان فيصلا ??يندا ۽ انهن فيصلن تي عملدرآمد به ٿيندو. ايندڙ مرحلي ۾ 5 وزارتن کي ڪميٽي ۾ وٺي وينداسين ۽ انهن سان گڏوگڏ 1973ع جي سول سروس ايڪٽ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اتحادي پارٽين سان به مشاورت ڪري رهيا آهيون. آءِ ايم ايف سان معاملن تي ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي چڪو آهي. پرڏيهي فنانسنگ جي حوالي سان به اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سمورا تفصيل وقت تي مڪمل ٿيندا. صوبن جي م??اورت سان آءِ ايم ايف سان معاملن کي اڳيان وڌايو ??يو ??ڃي ۽ انشاءَ الله وزيراعظم جي ويزن مطابق هي پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام هوندو جڏهن ته ان لاءِ اسان کي ڍانچه جاتي سڌارن جو تسلسل به برقرار رکڻو آهي.