اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته انفورسمينٽ آف ويمن پراپرٽي رائٽس آرڊيننس ۾ ترميم جي ڪابينا مان توثيق وزيراعظم عمران خان جي عورتن کي بااختيار بڻائن ۽ جائيداد ۾ ??صي??ار بڻائڻ جي عزم جي تڪميل طرف هڪ عملي قدم آهي، عورتن کي طاقتور ۽ معاشري ۾ انهن جي فعال ڪردار کي يقيني بڻائڻ نئ??ن پاڪستان جو مشن آهي.