اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) حڪومت جي قانو??ي ٽيم ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاونن آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي سوڀ قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان قومي ادارن ۾ استحڪام پيدا ٿيو آهي، حڪومت جمهوريت، آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل آهي، عدليه ۽ فوج اسان جا ادارا آهن، انهن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، عدليه ڪا به سمري رد ناهي ڪئي، عدالت قانوني نڪتا اٿاريا ان جي ڏس ۾ اسان نوٽيفڪيشن ۾ تبديليون ڪيون ۽ نئون نوٽيفڪيش?? عدالت تسليم ڪيو آهي. اه??ن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اٽارني جنرل انور منصور خان ۽ قانون واري اڳوڻي و??اقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم گڏيل پريس ڪا??فرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.