اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اسان کي وبا کي به روڪڻو آهي ۽ ماڻهن جو معاشي تحفظ به ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙي ضرور آهي پر قابو کان ٻاهر ناهي ٿي، حڪومت پا??ان رڳو ڪجهه هفتن ۾ 80 لک خاندانن ۾ سوا ارب رپيا ورهايا ويا آهن، بجلي جي بلن، پاڪستان جي آبادگارن ۽ صحت جي شعبن سميت ٻيا رليف پئڪيج ان کانسواءِ آهن، ان صورتحال مان سرخرو ٿي اسان تڏهن ئي نڪري سگ??نداسين جڏهن اسان اتحاد ۽ يڪجهتي س??ن گڏجي هلنداسين، چار ئي صوبائي حڪومتون، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون حڪومتون گڏجي ڪم ڪري ره??ون آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وائرس تي ب??ث کي سهيڙيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪجهه تقريرن ۾ سٺ??ون تجويزون آيون. امير حيدر هوتي سٺ??ون تجويزون ڏن??ون ۽ سوال به اٿاريا.