اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته 22 مئي 2020ع تي لاهور کان ڪراچي ويندڙ اڏام کي لينڊنگ دوران پيش ايندڙ افسوسناڪ سانحي جي تحقيقات پاڪ فضائيه جي سينئر آفيسرن جي س??براهي ۾ جوڙيل بورڊ ڪري رهيو آهي، سانحي جي شروعاتي رپورٽ 22 جون تي پارليامينٽ ۽ قوم جي س??مه??ن پيش ڪئي ??يندي، جهاز حادثي ۾ 99 مسافر ۽ ڪاڪ پٽ عملو سوار ه?? جنهن مان 97 شهيد ٿيا ۽ 2 معجزاتي طور تي محفوظ رهيا جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، 51 ميتون ڊي اين اي شناخت کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيون ويون آهن، باقي ميتون شناخت جي مرحلي ۾ آهن جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جاچ رپورٽ س??مه??ن اچڻ تي ذميدارن جي خلاف ڪارروائي ??يندي ڪنهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ??يندي، شروعاتي رپورٽ س??مه??ن اچڻ تائين ميڊيا فني رخن تي غير ضروري تبصري کان پاسو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.