اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ح??وم?? تعميرات جي شعبي ۾ ملڪي ت??ريخ جو بهترين پئڪيج ڏنو آهي، 31 ڊسمبر تائين تعميرات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کان آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سيڙپڪار نئين پاليسي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن، پاليسي ت??ت بئنڪون تعميرات جي شعبي ۾ ساليانو 330 ارب رپين جا قرض ڏئي سگهنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل علي انور حيدر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته ح??ومت پاران عوامي ڀلائي جي مختلف قدمن بابت سلسليوار ٻڌايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم 2 ڏينهن اڳ نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبن بابت آگاهه ڪيو هو، سڄي ملڪ ۾ ??ست?? گهرن جي دستيابي وڏو مسئلو آهي، وزيراعظم جي پاليسين جو محور غريب ۽ سفيد پوش طبقي جي ڀلائي آهي. هن چيو ته تعميرات جي شعبي سان 430 صنعتون واڳيل آهن، روزگار جا موقعا به پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته ح??وم?? تعميراتي شعبي کي جيڪو پئڪيج ڏنو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي، تعميراتي شعبي سان ملڪي معيشت ۾ حرڪت پيدا ٿئي ٿي. هن چيو ته تعميرات جي شعبي جي ت??قي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ادارو ٺاهيو ويو جهڙي طرح ڪورونا وبا دوران اين سي او سي بهترين ڪردار ادا ڪيو، اهڙي طرح هي ادارو به تعميراتي شعبي جي ت??قي لاءِ ٺوس ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.