اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي درپيش سنگين معاشي صورتحال ۽ اقتصادي چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي معاشي تجويزُون ۽ سفارشُون جوڙڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته اهي تجويزون زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، بئنڪاري، واپارين، ڪاروب??ري برادري سميت سمورن لا??اپيل طبقن جي راءِ جي روشني ۾ جوڙيون وڃن. ان سلسلي ۾ ايندر ڪجهه ڏينهن ۾ سمٽ منعقد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. بيان موجب حڪومت نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها ڪائونسل غيرجانبدار ۽ ناليوارن معاشي ماهرن تي ٻڌل هوندي. وزارت عظميٰ جو عهدو باضابطا سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ۾ معاشي ماهرن کي سفارشن جي تي??ري جو حڪم ڏنو ويو آهي. ناڻي و??ري سيڪريٽري اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، روينيو، بجيٽ خسارن، داخلي ۽ ٻاهرئين قرضن جي صورتحال سميت مجموعي قومي بيلنس شيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ??دا??ت ڪئي ته معاشي صورتحال ۽ سنگين مالي خطرن کي ڏسندي فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن هدفن جو واضح تعين ڪيو وڃي. هن اها ??دا??ت به ڪئي ته پاليسي آپشنز تي ٺوس سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي روشني ۾ ٺوس قدم کڻي سگهجن. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پڻ ٺوس تجويزون جوڙڻ جي ??دا??ت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ هن رمضان المبارڪ ۾ رمضان بازار جي مانيٽرنگ ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي آڻڻ جو پڻ حڪم ڏنو. هن چيو ته اسان کي قومي ۽ عوامي مفادن جي وچ ۾ بهترين توازن سان اڳتي وڌڻو آهي.