اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي ۽ ان جا مسئلا حل ڪندي، اڳوڻي حڪومت اوچتو پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي ته ڏني پر ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا، پهريون رمضان جو مهينو آيو آهي جنهن ۾ اٽي تي ڪا سبسڊي نه ڏني و??ي، اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه وجهُون ان لاءِ اوگرا جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي مان ۾ منعقد افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن آئل اينڊ اينڊ گئس ريگ??ول??ٽري اٿارٽي (اوگرا) جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 21 رپيا ۽ ٻين پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 50 رپيا اضافي جي سمري رد ڪندي چي?? ته حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪندي رهندي. هن چي?? ته گذريل حڪومت اوچتو پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي جو اعلان ڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا. هن چي?? ته اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه ٿا وجهي سگهون. وزيراعظم چي?? ته پهريون رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ گذريل حڪومت اٽي تي به سبسڊي نه ڏني. وزيراعظم چي?? ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت حقيقتون عوام آڏو رکنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪي?? ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندي رهندي ۽ ان جا مسئلا حل ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته مخالف ڌر اتحاد پنهنجي ڏينهن رات جي جدوجهد سان عمران احمد خا?? نيازي کي شڪست ڏني، حڪومت ۾ شامل پارٽين جو اتحاد مشاورت سان اڳتي وڌندو. هن چي?? ته گذريل حڪومت جو ٺاهيل ڍانچو واريءَ جي ڀت وانگر ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چونڊجڻ تي اتحادي پارٽين جا ٿورا مڃيندي هن چي?? ته هو اتحادي پارٽين جي پارليامينٽ ميمبرن سان رابطي ۾ رهندو ۽ انهن جي تڪن جا مسئلا حل ڪندو. هن چي?? ته ڪابينا جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ٻن مرحلن ۾ ڪيو ويندو، ڪابينا جي شروعاتي نالن جو اعلان جلد ڪيو ويندو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪابينا جي وڌيڪ وزيرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. محمد شهباز شريف چي?? ته وزيراعظم هائوس کي پاڪستان هائوس ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ سمورن صوبن جي آفيسرن کي هتي خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو ملندو. هن ٻڌاي?? ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم جي استعيفائن جي سمري صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. افطار ڊنر ۾ پي ڊي ايم ۽ حڪومتي اتحاد جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، اختر مينگل، خا??د مگسي، خا??د مقبول صديقي، محمود خا?? اچڪز??ي، محسن داوڙ، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، شاهه زين بگٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.